خير محمد ڏاهري

خير محمد ڏاهري: اداڪار خير محمد ولد الهورايو ڏاهري 1 فيبروري 1971ع تي ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاهري، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. کيس شاگرديءَ واري دور کان اداڪاري ڪرڻ جو شوق هو. اسڪول جي پروگرامن ۾ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. اڳتي هلي ٽي. وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. اداڪاريءَ جي سکيا استاد محمد صديق پرهياڙ ۽ فقير محمد عالماڻيءَ کان حاصل ڪيائين. سندس ڊراما سنڌي چئنلن: ڪي. ٽي. اين، مهراڻ، ڌرتي ۽ سنڌ ٽي. وي تي نشر ٿيا آهن. هن بهترين ڪردار نگاريءَ سبب پنهنجي فن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي. هن وقت پرائيويٽ ٽي. وي چئنلن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاهري، تعلقي موري ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.02.01  عيسوي

اداڪار خير محمد ولد الهورايو ڏاهري 1 فيبروري 1971ع تي ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاهري، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي
جعفري غلام تقي
اين ڊي جتوئي
ملڪ محسن علي خاصخيلي
خانبهادر عظيم خان دراني
تيجومل
محبوب عالم
احسان دانش ڊاڪٽر
حيدر هروي
حسن شيخ 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون